Essays

انسانيت

انسان کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات بڻائي هن دنيا ۾ موڪليو آهي. هن دنيا ۾ انسان اهڙيءَ طرح زندگي گذاري، جو هو صحيح معنيٰ ۾ سڀني کان وڌيڪ مانائتو سڏائڻ جو حقدار ٿئي. الله تعاليٰ انسان جي هدايت لاءِ سوا لک پيغمبر موڪليا، جن انسان کي حق ۽ سچ جو رستو ڏيکاريو. الله تعاليٰ انسان ذات جي رهنمائيءَ لاءِ آسماني ڪتاب نازل ڪيا، جن ۾ زندگي گذارڻ جو طريقو به ٻڌايل آهي ته هن دنيا ۾ پيش ايندڙ مڙني مسئلن جو حل به سمايل آهي.
انسانيت جو سڀ کان پهريون ۽ اهم گڻ اهو آهي ته انسان پنهنجي خالق ۽ مالڪ کي سڃاڻي، ان جي وڏائي ۽ هيڪڙائي کي تسليم ڪري ۽ سندس بندگيءَ جو حق ادا ڪري. سڀ کان وڌيڪ الله تعاليٰ سان محبت ڪري. الله جو پيارو رسول صلي الله عليھ وسلم به انسان ذات جو عظيم محسن ۽ اسان سان سچو پيار ڪندڙ آهي. تنهن ڪري اسان تي لازم آهي ته پنهنجي پياري رسول سان گهڻي محبت ڪريون. سندن ادب، احترام ۽ حڪمن جي پيروي ڪريون. اسان کي گهرجي ته اسين سڀني انسانن جا گهڻگهرا ۽ خيرخواهه ٿي رهون، ڪنهن به انسان لاءِ پنهنجي دل ۾ ڪينو، ڪلفت، وير وروڌ ۽ ساڙ ۽ حسد نه رکون. جيڪي اسان جا مخالف هجن، تن سان به اسان کي خيرخواهي ۽ ڀلائي ڪرڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته ماءُ پيءُ جو چيو مڃون. انهن جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪريون ۽ ڪنهن به حالت ۾ سندن دل نه رنجايون. اهڙيءَ طرح پاڙيسري ۽ مٽن مائٽن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ به انسانيت جي وڻندڙ وصف آهي. وڏن جو احترام هڪ جيڏن سان پيار ۽ لحاظ، ننڍن تي شفقت ۽ مهرباني به اعليٰ انساني گڻ آهن.
انسانيت اسان کي سيکاري ٿي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان کي ڏک يا تڪليف پهچائي ته اسين ان کي معاف ڪري ڇڏيون. کانئس بدلو نه وٺون. اڃا به ٿي سگهي ته برائيءَ جي جواب ۾ ساڻس ڀلائي ڪريون ته ان جي نتيجي ۾ الله تعاليٰ اسان جي بهتري ڪندو ۽ ڪاميابيءَ سان نوازيندو.
دنيا ۾ ڪنهن به انسان کي ڪو ڏک پهچي ته اسين ان کي پنهنجو ڏک سمجهون ۽ ڪوشش ڪري ڏکايل انسان جو ڏک ڏور ڪريون. مسڪينن جي مدد ڪرڻ، بکئي کي کارائڻ، بيمار کي پڇڻ، ضرورتمند جي گهرج پوري ڪرڻ، معذور، بيواهه ۽ يتيم جي واهر ڪرڻ، مسافر ۽ پرديسيءَ جي پرگهور لهڻ. اهي سڀ انسانيت جا گُڻ آهن.
قرآن شريف ۾ آهي ته الله جا نيڪ ٻانها زمين تي عاجزيءَ ۽ نوڙت سان هلندا آهن. ان ڪري انسانيت جو اعليٰ سبق اهو پڻ آهي ته اسين هر قسم جي تڪبر کان بچون. پاڻ کي ٻين کا ڀلو نه سمجهون، پر پاڻ کي سڀني کان گهٽ، عاجز ۽ اڀرو انسان سمجهون. نيازمنديءَ ۽ نوڙت کي پنهنجي سيرت جو حصو بنايو. ان ۾ اسان جي عزت ۽ عظمت آهي.

مثالي ڳوٺ

هن سبق ۾ هڪ مثالي ڳوٺ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن جي آدمشماري ٽي هزار کن ٿيندي. سرڪار، ڳوٺ سڌار رٿا تي عمل ڪندي، ان جي سڌاري ۽ واڌري لاءِ وڏي رقم منظور ڪئي. ڳوٺ جون سڀ گهٽيون پڪيون ڪيون ويئون آهن، سڀني ماڻهن جا گهر به پڪا آهن. ڪني پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ناليون ٺاهيون ويئون آهن. ڳوٺ ۾ رٿابنديءَ سان وڻڪاري به ڪئي ويئي آهي. تعليم جي واڌاري لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري ۽ مڊل اسڪول به آهن، جتي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن ٻين ڳوٺن جا ٻار به تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ڳوٺ ۾ هڪ سرڪاري اسپتال به آهي، جتي علاج جي سهولت موجود آهي. جانورن جي علاج لاءِ به هڪ اسپتال قائم ڪئي ويئي آهي. ڳوٺ ۾ برانچ پوسٽ آفيس، ٽيليفون ۽ پبلڪ ڪال آفيس به آهي. هڪ لائبرري به قائم ڪئي ويئي آهي. راند لاءِ هڪ وڏو ميدان به آهي. ڳوٺاڻن جي سهولت ۽ سک لاءِ هڪ مارڪيٽ به ٺهرائي ويئي آهي. آبادگار جي سهولت لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ جو ڊيپو به آهي. درزي، ڌوٻي، حجم، واڍي، ڪنڀر ۽ لوهار جا دوڪان به آهن. ڳوٺ ۾ بجليءَ جو بندوبست به آهي. قومي شاهراهه کان ڳوٺ ڏانهن ايندڙ رستو به پڪو ڪرايو ويو آهي. ڳوٺ جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ”ڳوٺ سڌار سنگت“ قائم آهي. ڳوٺ ۾ هڪ فنڊ به قائم ڪيو ويو آهي، جنهن مان هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مدد ڪئي وڃي ٿي. واٽر سپلاءِ اسڪيم جي جڙي راس ٿيڻ سان ڳوٺاڻن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي رهيو آهي. ڳوٺ ۾ ڇوڪرين لاءِ هڪ هنري اسڪول به آهي. ڳوٺ ۾ ننڍي پئماني تي گهرو صنعت کي به همٿايو وڃي ٿو.

ماحوليات

ماحوليات اسان جي آسپاس وارين سمورين فضائي، آبي، زميني ۽ موسمي حالتن کي چئبو آهي. جنهن ماحول ۾ اسين ساهه کڻون ٿا يا جنهن ۾ اسين رهون ٿا، جيڪڏهن اهو صاف هوندو ته اسان جي صحت سلامت رهندي، پر جيڪڏهن اهو ماحول گندو هوندو ته اسين بيمارين ۾ وڪوڙجي وينداسين. اسان جو ماحول ڏينهون ڏينهن گدلو ٿيندو ٿو وڃي.
اڄ جو انسان پنهنجي صنعتي ترقيءَ تي فخر ٿو ڪري. هن اجگر مشينون ايجاد ڪري وقت تي سوڀ پاتي آهي. هو سمنڊ ۽ فضا کي به فتح ڪري چڪو آهي، پر انهيءَ سائنسي ۽ صنعتي ترقيءَ جتي انسانن کي ڪيتريون ئي سهولتون مهيا ڪيون آهن، اتي ان لاءِ ڪيترائي مسئلا به پيدا ڪيا آهن. ان ڏس ۾ توهين جنهن شهر يا ڳوٺ ۾ رهو ٿا، انهي جو مثال کڻي وٺو. اهي شهر جتي وڏا وڏا صنعتي مرڪز آهن. اتي انهن جي حالت وڌيڪ خراب آهي. مِلُن، ڪارخانن ۽ فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونهون لاڳيتو فضا کي گدلو ڪري رهيو آهي. انهن ڪارخانن مان نڪرندڙ گندي تيل ۽ ڪيميڪل جو ڪو به جوڳو بندوبست ٿيل نه آهي، انهيءَ ڪري اهو استعمال ٿيل گندو تيل ۽ ڪيميڪل ندين، دريائن ۽ سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن ئي ندين ۽ دريائن جو پاڻي اسين استعمال ڪريون ٿا، جيڪو ظاهر آهي ته اسان جي صحت لاءِ نقصانڪار آهي.
وڏن شهرن ۾ جتي ٽرئفڪ جو گوڙ اسان جي ٻڌڻ جي قوت کي ڪمروز ڪري ٿو، اتي ٽرئفڪ جو دونهون اسان جي اکين ۽ ساهه جي سرشتي تي اثر وجهي، بيماريون پيدا ڪري ٿو.
اسريل ملڪن ۾ انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون ويون آهن. اسرندڙ ملڪن ۾ پڻ هن مسئلي جي حل لاءِ ويچاريو پيو وڃي. هي رڳو حڪومت جو مسئلو نه آهي، پر اسان مان هر ڪنهن جو فرض آهي ته اسين ان مسئلي جي حل ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيون، سڀ کان پهرين ته اسين پنهنجي ويجهڙائيءَ واري ماحول تي ڌيان ڏيون. ان کي صاف سٿرو بنايون ۽ پنهنجي ذات، گهر، گهٽي، پاڙي، ڳوٺ ۽ شهر جي ماحول کي گدلي ٿيڻ کان بچايون.