ٽنڊو الهيار- سنڌ 21 سيپٽمبر 1998ع
سدا خوش هجو
منهنجا پيارا ڀاءُ منصور احمد

اسلام عليڪم
هت سڀ خير آهي، ڌڻي پاڪ اوهان ڏانهن به خير
ڪندو. آمين
احوال ته: مونکي معلوم ٿيو آهي ته توهين پڙهائيءَ ۾ بلڪل دلچسپي نه وٺي رهيا آهيو، سڄو ڏينهن گهٽين ۾ رانديون ڪندي پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪندا رهو ٿا، شايد توهان کي اها خبر نه آهي ته وقت ڪيڏو نه قيمتي آهي، گذريل وقت واپس نه ايندو آهي، آءٌ اميد ٿو ڪريان ته وقت جو قدر ڪندي تعليم ۾ دلچسپي وٺندا ۽ پنهنجو مستقبل سواريندا. اميد ته اهڙي شڪايت جو موقعو نه ڏيندا

اوهان جو وڏو ڀاءُ
اشفاق احمد