Letter and Application Writing

درخواست - 2

محترم مختيار ڪار صاحب،
گلشن اقبال،
ڪراچي سنڌ.

موضوع: ستين فارم تي پلاٽ جي داخلا

جناب اعليٰ:

جيئن ته مون گلشن اقبال اسڪيم نمبر 33 ۾ هڪ عدد پلاٽ ورتو آهي، جنهن جي ايراضي 1000 گز آهي پلاٽ جي رجسٽري منهنجي نالي تي چڪي آهي، جنهن جي فوٽو ڪاپي هن سان گڏ شامل ڪجي ٿي. اوهان کي عرض آهي ته مهنجي پلاٽ جي داخلا روينيو رڪارڊ جي فارم VII تي رکي وڃي.

اوهان جو مخلص

عدنان صديقي
اي-12 دشتيار ڪامپليڪس،
يونيورسٽي روڊ، ڪراچي سنڌ.

درخواست - 1

محترم سيڪريٽري صاحب،
يونين ڪائونسل،
درساڻو ڇنو-ڪراچي سنڌ.
موضوع: ڄم رجسٽر ۾ ٻار جي داخلا
جناب اعليٰ:
جيئن ته مون هيٺ صحي ڪندڙ کي تاريخ 13 اپريل 2013 تي ڌيءَ ڄائي آهي. هن سان گڏ ويم گهر جو سرٽيفڪيٽ پڻ پيش ڪجي ٿو.
اوهان کي گذارش آهي ته منهنجي ڌيءَ نالي امامه جي داخلا اوهان پنهنجي آفيس جي ڄم رجسٽر ۾ درج ڪندا.
اوهان جو مخلص
غلام حيدر ڪاٺوڙ
گهر نمبر 33، ڪراچي سنڌ.

خط - 2

لنڊن- برطانيه
پرسٽن يونيورسٽي – هاسٽل ايف 15

پياري ڀيڻ سميه

پياري ادي اميد ڪيان ٿو ته توهان جي تعليم سرگرمين سان گڏ توهان جي صحت به بهتر هوندي، هتي گهر ۾ سڀ خير لڳو پيو آهي، بابا سائين، امان ۽ ڀيڻ روزينا ۽ ادو هالار پڻ خوش آهن، اوهان گذريل خط ۾ پئسن جي گهر ڪئي هئي، پئسن سان گڏ بابا اوهان لاءِ جيڪيٽ ۽ امان اوهان لاءِ چهرا بسڪيٽ پڻ ٺاهي ڏنا آهن، اسان اميد ٿا ڪيون ته توهان بغير ڪنهن هتان جي فڪر جي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ طرف ڌيان ڏيندا، هن اي ميل سان گڏ ڪجهه تصويرون پڻ موڪلي رهيو آهيان، اسان کي اوهان جي ياد ايندي آهي، مهرباني ڪري رابطي ۾ رهندا.

اوهان جو ننڍو ڀاءُ
شڪور احمد هالاڻي