Poetry

واهه ڙي تارا گول تارا

واهه ڙي تارا گول تارا
رَوشَنُ تارا چِمڪي وارا

سانجِھيءَ ٽاڻي نِڪِرو ٿا
اُڀَ سَڄي ۾ پَکِڙو ٿا

چِلِڪو چِمِڪو سارِي راتِ
ڪَجي اَوِهان جِي ڪَهِڙِي باتِ

واهَه ڙي تارا گولُ تارا
رَوشَنُ تارا، چِلِڪي وارا

رَاتِ لَنگِهي آ، باقِي ڇا؟
اَوِهِين بَتايو واٽَ اِها

واهَه ڙي تارا گولُ تارا
رَوشَنُ تارا چِلِڪي وارا

جَوتِ اوهان جِي جي نه هُجي
واٽَهَڙُوڪَر واٽَ مُنجھي

واهَه ڙي تارا گولُ تارا
رَوشَنُ تارا چِلِڪي وارا

جو کير پئي سو وير ٿئي

جو کِيرُ پِئي سو وِيرُ ٿِئي
ڏَندَ زورُ وٺَنِ، سُٺا سُهِڻا لَڳَنِ

ڏي کِيرُ اَمان، پِي پَڙهَڻَ وَڃان
جو کِيرُ پِئي سو وِيرُ ٿِئي

اَکِيُنِ جَوتِ وَڌي، ڏاڍِي سُونهَن ٿِئي
وَٺي زورُ بَدَنُ، لِڱَ چُستُ ٿِينِ

ڏي کِيرُ اَمان، پِي پَڙهَڻَ وَڃان
جو کِيرُ پِئي سو وِيرُ ٿِئي

جو کِيرُ پِئي سو وِيرُ ٿِئي

کير صفا سُٺو، آهي ڏاڍو مِٺو
ٻارو اچو پِيُون، ڀَري کِيرَ وَٽِيُون

ڏي کِيرُ اَمان، پِي پَڙهَڻَ وَڃان
جو کِيرُ پِئي سو وِيرُ ٿِئي
جو کِيرُ پِئي سو وِيرُ ٿِئي

سَڀُ زورُ وَٺُون، پِي کِيرُ وَڌُون
ڏي کِيرُ اَمان پِي پَڙهَڻَ وَڃان

جو کِيرُ پِئي سو وِيرُ ٿِئي
ڏَندَ زورُ وَٺَنِ سُٺا سُهِڻا لَڳَنِ
جو کِيرُ پِئي سو وِيرُ ٿئي

ماءُ پيءُ جو چيو مڃجي

ماءُ ۽ پِيءَ جو چَيو مَڃِجي
سَدا اَدَبَ ۾ تَنِ جي رَهِجي

نِتِ اُسِتادَ کي مَانُ ڏِجي
سَدا اَدَبَ ۾ تَنِ جي رَهِجي

ڀاءُ ۽ ڀَيڻُ سان رَکِجي پِيارُ
تَنِ سان ڪونَه ڪَجي تَڪِرارُ

سَويلَ سُمِهجي، سَويلَ اُٿُجي
اَوَلِ ڌَڻِيءَ جو نالو ڳِنِهجي

مَاءُ ۽ پِيءَ جو چَيو مَڃِجي
سَدا اَدَبَ ۾ تَنِ جي رَهِجي

ڪُوڙُ نه چَئِجي ڏِجي نَه گارِ
شِي چُورائي ٿِجي نَه خُوارِ

هِنَ نَصِيحَتَ تي جو هَلَندو
مائِٽَ مِٽَ کي سوئِي وَڻَندو

ماءُ ۽ پيءَ جو چيو مڃجي
سدا ادب ۾ تن جي رهجي

نت استاد کي مان ڏجي
سدا ادب ۾ تن جي رهجي

سدا ادب ۾ تن جي رهجي