Poetry

اچو ڙي ڀينر راند رچايون

اَچو ڙِي ڀَينَرُ راندِ رَچايُون
ننڍِڙِيءَ گُڏِڙِيءَ کي پَرِڻايُون

اَچو گُڏِيءَ کي زَيوَرَ پايُون
ڀَرِتَ ڀَرِيَل پَوشاڪَ ڍَڪايُون

اَچو ڙِي ڀَينَرُ راندِ رَچايُون
ننڍِڙِيءَ گُڏِڙِيءَ کي پَرِڻايُون

گُلَنِ ڦُلَنِ جِي سَيجَ وِڇايُون
ڏاجُ ڏِيُون ۽ گھَورَ گھُمايُون

اَچو ڙِي ڀَينَرُ راندِ رَچايُون
ننڍِڙِيءَ گُڏِڙِيءَ کي پَرِڻايُون

گَڏِجِي گِيتَ خُوشِيءَ جا ڳايُون
ننڍِڙِيءَ گُڏِڙِيءَ کي پَرڻايُون

اَچو ڙِي ڀَينَرُ راندِ رَچايُون
ننڍِڙِيءَ گُڏِڙِيءَ کي پَرِڻايُون

گُڏِڙِي بَڻِجي گھَر جِي راڻِي
پَڙِهِيَلَ لِکِيَلَ ۽ سُگھَڙِ سِياڻِي

اَچو ڙِي ڀَينَرُ راندِ رَچايُون
ننڍِڙِيءَ گُڏِڙِيءَ کي پَرِڻايُون

رَهِي نَه مَحِنَتَ کان وَيڳاڻِي
کُٽي نَه اُنَ جو اَنُ ۽ پاڻِي

اَچو ڙِي ڀَينَرُ راندِ رَچايُون
ننڍِڙِيءَ گُڏِڙِيءَ کي پَرِڻايُون

ڏِيَنِ مُبارَڪَ مايُون دايُون
نَنڍِڙِي گُڏِڙِيءَ کي پَرِڻايُون
نَنڍِڙِي گُڏِڙِيءَ کي پَرِڻايُون

اَچو ڙِي ڀَينَرُ راندِ رَچايُون
ننڍِڙِيءَ گُڏِڙِيءَ کي پَرِڻايُون

اَچو ڙِي ڀَينَرُ راندِ رَچايُون
ننڍِڙِيءَ گُڏِڙِيءَ کي پَرِڻايُون

ڪارڙو ڪمارڙو، الله جو پيارڙو

ڪارِڙو ڪمارِڙو
الله جو پيارِڙو

کِلِي ڏِيو خَيراتُون
وَسَنِ بَرِساتُون

ڀِتِ تي نوڙِي
مِينهُن آيو ڊَوڙِي

ڀِتِ تي جھِرڪِي
مِينهُن آيو تِرڪِي

ڀِتِ تي طوطو
مِينهُن اَچِي پَهتو

ڀِتِ تي ڳَيرو
مِينهُن آيو گَھنيرو

اُکريءَ ۾ ڪَڪڙو
مِينهُن وَسي تَڪِڙو

مَولا مُڪا مِينهَڙا
وَيا ڏُڪَرَ ڏِينهَڙا

ڪارِڙو ڪُمارِڙو
الله جو پِيارِڙو

کِلي ڏِيو خَيراتُون
وَسَنِ بَرِساتُون

پئسو لڌم پٽ تان

پَئِسو لَڌُمِ پَٽَ تان،
پَئِسي وَرتُمِ گاهُه،

گاهُه ڏِنُمِ ڳَئُون کي
ڳَئُون ڏِنو کِيرُ

کِيرُ ڏِنَمِ اَمَڙِ کي
اَمَڙِ ڏِنو لولو

لولو ڏِنُمِ ڪانءَ کي
ڪانءَ ڏِنو کَنڀُ

کَنڀُ ڏِنُم راجا کي
راجا ڏِنو گھوڙو

چَڙِهِي گھُمان
چَڙِهي گھُمان