ماحوليات اسان جي آسپاس وارين سمورين فضائي، آبي، زميني ۽ موسمي حالتن کي چئبو آهي. جنهن ماحول ۾ اسين ساهه کڻون ٿا يا جنهن ۾ اسين رهون ٿا، جيڪڏهن اهو صاف هوندو ته اسان جي صحت سلامت رهندي، پر جيڪڏهن اهو ماحول گندو هوندو ته اسين بيمارين ۾ وڪوڙجي وينداسين. اسان جو ماحول ڏينهون ڏينهن گدلو ٿيندو ٿو وڃي.
اڄ جو انسان پنهنجي صنعتي ترقيءَ تي فخر ٿو ڪري. هن اجگر مشينون ايجاد ڪري وقت تي سوڀ پاتي آهي. هو سمنڊ ۽ فضا کي به فتح ڪري چڪو آهي، پر انهيءَ سائنسي ۽ صنعتي ترقيءَ جتي انسانن کي ڪيتريون ئي سهولتون مهيا ڪيون آهن، اتي ان لاءِ ڪيترائي مسئلا به پيدا ڪيا آهن. ان ڏس ۾ توهين جنهن شهر يا ڳوٺ ۾ رهو ٿا، انهي جو مثال کڻي وٺو. اهي شهر جتي وڏا وڏا صنعتي مرڪز آهن. اتي انهن جي حالت وڌيڪ خراب آهي. مِلُن، ڪارخانن ۽ فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونهون لاڳيتو فضا کي گدلو ڪري رهيو آهي. انهن ڪارخانن مان نڪرندڙ گندي تيل ۽ ڪيميڪل جو ڪو به جوڳو بندوبست ٿيل نه آهي، انهيءَ ڪري اهو استعمال ٿيل گندو تيل ۽ ڪيميڪل ندين، دريائن ۽ سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن ئي ندين ۽ دريائن جو پاڻي اسين استعمال ڪريون ٿا، جيڪو ظاهر آهي ته اسان جي صحت لاءِ نقصانڪار آهي.
وڏن شهرن ۾ جتي ٽرئفڪ جو گوڙ اسان جي ٻڌڻ جي قوت کي ڪمروز ڪري ٿو، اتي ٽرئفڪ جو دونهون اسان جي اکين ۽ ساهه جي سرشتي تي اثر وجهي، بيماريون پيدا ڪري ٿو.
اسريل ملڪن ۾ انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون ويون آهن. اسرندڙ ملڪن ۾ پڻ هن مسئلي جي حل لاءِ ويچاريو پيو وڃي. هي رڳو حڪومت جو مسئلو نه آهي، پر اسان مان هر ڪنهن جو فرض آهي ته اسين ان مسئلي جي حل ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيون، سڀ کان پهرين ته اسين پنهنجي ويجهڙائيءَ واري ماحول تي ڌيان ڏيون. ان کي صاف سٿرو بنايون ۽ پنهنجي ذات، گهر، گهٽي، پاڙي، ڳوٺ ۽ شهر جي ماحول کي گدلي ٿيڻ کان بچايون.