Essays

زراعت

زراعت دنيا جي سڀ کان قديم ڪرت آهي، اها هزارين سالن کان هلندي پئي اچي، انهيءَ زماني ۾ ئي ماڻهن اهو ڄاڻي ورتو هو ته قلمن ۽ بجن مان ٻوٽا ڪيئن اپائجن ۽ جانور ڪيئن پالجن. اسان جو ملڪ هڪ زرعي ملڪ آهي. سنڌ صوبي ۾ هزارن سالن کان سنڌو درياهَه جي ميداني علائقي ۾ ڀلين زمينن ۾ زراعت ٿيندي اچي ٿي. ڪيترين ئي صدين کان کيتيءَ جو سڄو دارومدار انسان جي پورهئي تي آهي، هاري ڍڳن جي مدد سان زمين کيڙي، مال جو ڀاڻ وجھي زمين کي زرخيز بڻائيندا آهن ۽ پوءِ فصلن ۾ لابارو وجھندا آهن. پر هاڻي فصل پوکڻ ۽ لڻڻ جون مشينون ايجاد ٿيڻ سان ٿوري ڪم سان گهڻي اپت ٿئي ٿي.

دنيا جي آبادي وڌڻ سان خوراڪ جون ضرورتون به وڌي رهيون آهن، جنهن ڪري سائنسدانن بهتر مشينون، اثرائتا ڀاڻ ۽ جيت مار دوائون ايجاد ڪري ورتيون آهن ته جيئن پيداوار کي وڌائي سگهجي.

جيتوڻيڪ هاڻي پوکيءَ جا طريقا بدلجي ويا آهن پر سنڌ ۾ اڃا تائين پراڻا طريقا هلندا پيا اچن.

سنڌ ۾ پوکيءَ جون ٻه مندون آهن: هڪڙي ڪتي يا خريف ۽ ٻي چيٽ يا ربيع. خريف جا فصل ڪپهه، ساريون مڪئي، جوئر ۽ ڪمند آهن ۽ ربيع جا فصل ڪڻڪ، چانور، مسور، توريو ۽ سرنهن يا ڄانڀو آهن.

فصلن کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪڙا اناج وارا فصل سڏجن، جيئن ڪڻڪ ۽ چانور وغيره ۽ ٻيا ناڻي وارا فصل جيئن ڪپهه ۽ ڪمند.

هنرمندي

قدرت پاڪستان کي نه رڳو قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي پر معدني پيداوار سان به نوازيو آهي. هتي جا ماڻهو هٿ جي هنر ۾ ملڪان ملڪ مشهور آهن، هو مٽيءَ، ڪاٺ ۽ ڪچي مال مان پنهنجي هٿن سان سهڻيون ۽ سٺيون شيون تيار ڪري ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا. اسين هٿ هلائي ڪا شي ٺاهيون ته ان کي ”هٿ جو هنر“ چيو ويندو آهي.
ماضيءَ جي تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته هن ملڪ جي هر صوبي ۾ ڪي نه ڪي پراڻي تهذيب جا آثار آهن، انهن آثارن مان جيڪي شيون حاصل ٿيون آهن، تن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن ملڪ جا ماڻهو قديم زماني کان هٿ جي هنر ۾ ماهر هئا. جڏهن انگريز هن ملڪ تي قابض ٿيا تڏهن انهن هتي هنر جي سرپرستي بنهه ڪانه ڪئي، پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ حڪومت هٿ جي هنر کي نئين سر ترقي وٺائي، گهر جي هنر جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هڪ سرڪاري ادارو ”سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن“ نالي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ملڪ جي هر هنر کي وڏي هٿي ملي آهي، ڪيترائي هٿ جا هنر جيڪي ماڻهو وساري ويٺا هئا، تن کي وري همٿايو ويو آهي. ان کان سواءِ نوان هنر پڻ متعارف ڪرايا ويا آهن، جن ۾ اکڙوٽ ۽ شيشم جي ڪاٺ تي اڪر جو ڪم، بهڻ جي ڪاٺ تي جنڊيءَ جو ڪم، مٽيءَ ۽ چينيءَ جا ٿانوَ، ڪاشيءَ جا ٿانوَ، ڀرت جا نمونا، ڇُر جو ڪم، سوسيون، لونگيون، کيس، کٿا ۽ شالون، رليون، ڀرت ڀريل ٽوپيون، جتيون ۽ ٻيو اهڙو نفيس ۽ سهڻو سامان اچي وڃي ٿو.
حيدرآباد شهر ۾ ريشمي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم، شيشي جو سامان، چوڙيون، چمڙي تي زريءَ جو ڪم عام جام ٿيندو آهي، هالا شهر ۾ تيار ٿيل شين مان مختلف نمونن جون ڪاشيءَ جون سرون، ٿانوَن جا سيٽ، ڪونڊيون، مرتبان، گلدان، ڪوزا ۽ صراحيون گهڻو مشهور آهن.
سنڌ جو ٻيو بهترين هنر جنڊيءَ جو ڪم آهي، جنڊيءَ جي ڪم ۾ کٽون، پلنگ، منجيون، پينگھا، سينگاردانيون، ڪرسيون ٽپايون، دٻلا، اڳٺ، اڳٺ وجھڻيون، رانديڪا وغيره آهن. اهي هنر کاڻوٺ، لقمان ۽ ڪشمور ۾ پڻ مشهور آهن.
هٿ جي آڏاڻن تي به اسان وٽ گهڻو ڪم ٿئي ٿو، ٺٽي جون لونگيون قديم زماني کان مشهور آهن، ان کان سواءِ ريشمي سوسيون، گربيون، کيس، کٿا ۽ اڻاوت جو ٻيو ڪم به سنڌ ۾ تمام سٺو ٿئي ٿو. ٿر ۾ ٺهيل هنا، پاکڙا، خرزينون، مصلا، ٿيلهيون ۽ جتيون به مشهور آهن، اتي فراسيون، خرزينون، تل ۽ ٿڙا پڻ ٺهن ٿا. اهي سڀ شيون سستيون ۽ سولائيءَ سان ملي سگهن ٿيون، ملتان ۽ گجرات ۽ جوهي شهرن جا ٺڪر جا ٿانوَ کيس ۽ اٺ جي چمڙيءَ جا لئمپ شيڊ مشهور آهن، چنيوٽ ۽ ڊيرو غازي خان وري ڪاٺ تي نقاشيءَ ۽ لاهور گجرانوالا ۽ وزير آباد پتل ۽ ٽامي جي ٿانوَن، فانوسن ۽ گھگھين کان مشهور آهن، ڪشمير ۽ سوات جون شالون ۽ پشاور جا زريءَ سان ڀريل سينڊل، ڪوٽ ۽ پوستينيون، اهي سڀ هٿ جي هنر جا لاجواب نمونا آهن

سهڻا سخن

الله سائينءَ جا لکين ڪرم جو هن اسان کي انسان جي شڪل ۾ پيدا ڪيو. انسان ئي ٻين مخلوقات کان افضل ترين آهي. انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ الله تعاليٰ انهن مان ئي ڪن انسانن کي نبي ڪري موڪليو، جن انسان کي سڌي راهه ڏيکاري.انبياء ڪرام کان پوءِ ولين ۽ ڏاهن انسانن به پنهنجي قول ۽ فعل سان سٺيون ڳالهيون ٻڌايون، جن تي هلي انسان پنهنجي زندگي سهڻي نموني گذاري سگهي ٿو.
نبين، ولين ۽ ڏاهن انسان جا اهي سهڻا سخن ٿورن لفظن ۾ گهڻي معنيٰ رکن ٿا. اهي هر وقت صدا بهار ۽ قيمتي قول آهن، جن تي عمل ڪري هر انسان پنهنجو توڙي ٻين جو ڀلو ڪري سگهي ٿو.
• الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو:
”الله آڏو وڌيڪ مانَ وارو اهو آهي، جيڪو الله کان وڌيڪ ڊڄي“.
• حضور صلي الله عليه وسلم جن پاڙيسرين جي حقن جي باري ۾ فرمايو آهي:
”اهو ماڻهو مومن نٿو ٿي سگهي، جيڪو پاڻ ته ڍؤ ڪري کائي، پر سندس پاڙيسري بکيو هجي!“
• حضرت سليمان عليه السلام جن سچ کي اٽل ڪرڻ لاءِ فرمائي ٿو:
”سچ ڪڏهن به ڪوڙ کان نٿو هارائي.“
• حضرت علي رضي الله عنه جن مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ فرمائن ٿا:
”مصيبت ۾ گهٻرائڻ ان کان به وڏي مصيبت آهي، ان ڪري مصيبت کي ڏاهپ ۽ ڌيرج سان ئي منهن ڏيڻ گهرجي.“
• حضرت عمر رضي الله عنه جن سستي ڇڏڻ بابت فرمائين ٿا:
”اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏيو“.
• ڏاهو سقراط فرمائي ٿو:
”هر سک کان پوءِ ڏک ۽ هر ڏک کان پوءِ سُک آهي.“
• ان باري ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه فرمائي ٿو:
”ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ري.“
• حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن رستي تان معمولي تڪليف ڏيندڙ شيءِ کي هٽائڻ بابت فرمائين ٿا:
”رستي تان ڪنڊو يا پٿر هٽائي ڇڏڻ به اجر ۽ ثواب جو ڪم آهي.

نوري ڄام تماچي

سنڌ ۾ ڄام تماچي نالي هڪ مشهور حڪمران ٿي گذريو آهي. سندس دور ۾ ڪينجهر ڍنڍ تي رهندڙ هڪ مهاڻي جي ڌيءُ پنهنجي حسن ۽ خوبصورتيءَ جي ڪري تمام گهڻي مشهور هئي. سندس نالو نوري هو. جنهن کي جيڪو به ڏسندو هو ته ڏسڻ سان ئي مٿس موهجي پوندو هو.
هڪڙي ڏينهن ڄام تماچي ڪينجهر جي سير تي ويو. جتي سندس نظر وڃي نوريءَ تي پئي. سندس حسن ۽ جمال ڏسي هن ساڻس شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ۽ پوءِ نوريءَ جي والدين سان ڳالهائي هن سان نڪاح ڪيائين. هڪ ڏينهن بادشاهه پنهنجي محل ۾ رهندڙ سڀني راڻين کي گهرائي چيو ته ”اوهان مان جيڪا به راڻي سهڻا ڪپڙا پائيندي ۽ سهڻو سينگار ڪري ايندي، ان کي آءٌ پٽ راڻي بڻائيندس ۽ ان سان گڏ ٻيڙيءَ تي ڪينجهر جو سير ڪندس“. هر ڪا راڻي تيل ڦليل ڪرڻ ۾ لڳي وئي پر نوري ويچاريءَ اهو وڳو پاتو، جنهن ۾ بادشاهه کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هو ۽ مٿس موهجي پيو هو، جڏهن بادشاهه محل ۾ آيو ته کيس نوريءَ جو حسن ٻين کان وڌيڪ وڻيو. هن اعلان ڪيو ته ”آءٌ نوريءَ کي پنهنجي ”پٽ راڻي“ بنايان ٿو، جيڪا هار سينگار کان وڌيڪ پنهنجي حياءَ ۽ سيرت ۾ سرس آهي.“ ۽ پوءِ نوريءَ کي ساڻ ڪري ڪينجهر جو سير ڪيو.
شاهه سائين پنهنجي رسالي جي ”سُر ڪاموڏ“ ۾ ان واقعي کي خوب ڳايو آهي. پاڻ هڪ بيت ۾ ان واقعي جو اظهار هن ريت ڪيو اٿس.
مَئي هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار،
سارو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هو.
بادشاهه ڄام تماچيءَ نوريءَ جي ڪري ڪينجهر جي مهاڻن تان سمورو محصول معاف ڪري ڪينجهر ڍنڍ جي ڪمائيءَ جو مالڪ بڻائي ڇڏيو.

مهاڻو

آءٌ مهاڻو آهيان، منهنجو ڪم مڇي مارڻ آهي. ماڻهو مون کي ميربحر، ملاح، ناکئو ۽ ٻين مختلف نالن سان سڏيندا آهن. آءٌ سماج جي ڪيترن ئي بيڪار ۽ سست ماڻهن وانگر هٿ هٿ ۾ ڏئي ويهي ڪين رهندو آهيان، پر ڍنڍن، تلائن، دريائن ۽ سمنڊن جي پاڻيءَ مان مڇي مارڻ کان سواءِ درياهه ۽ سمنڊ ۾ ٻيڙي هلائي ۽ ٻيڙا هاڪاري ماڻهن کي پاڻي مان پار به ڪندو آهيان ته سير به ڪرائيندو آهيان.
منهنجي ڪهاڻي به عجيب آهي، پاڻي مان مڇيون ۽ ٻيا جانور پڪڙڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو، اهو آءٌ ئي هيس، جنهن پاڻيءَ مان مڇي ۽ ٻين جانورن کي پڪڙڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو ۽ انسان ذات لاءِ مڇي ۽ ٻين پاڻيءَ جي جانورن جو گوشت مهيا ڪيو.
جيئن جيئن انسان ترقي ڪندو ويو، تيئن تيئن اسين به پنهنجي ڌنڌي ۾ ترقي ڪندا وياسين، جڏهن انسانن جي وڌندڙ آباديءَ لاءِ خوراڪ جو مسئلو سامهون آيو، تڏهن حڪومت کي به احساس ٿيو ته اسين مهاڻا ڪيتري نه ڪم وارا آهيون. اهوئي سبب آهي جو هاڻي حڪومت اسان جي ڌنڌي کي ٻين معزز پيشن وانگر معزز پيشي جو درجو ڏنو آهي. مون کي پنهنجي پورهئي تي فخر آهي. آءٌ سمنڊن، دريائن، تلائن ۽ ڍنڍن جي پاڻيءَ سان ويڙهه ڪري، پنهنجي ماڻهن کي خوراڪ پهچايان ٿو. جيڪا هڪ وڏي انساني خدمت آهي.

شهيد هوش محمد شيدي

سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي دلير ۽ بهادر انسانن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي هن سرزمين جي آزاديءَ ۽ سلامتيءَ لاءِ جان قربان ڪري تاريخ ۾ هميشه لاءِ زنده ٿي ويا آهن. اهڙن محب وطن ۽ دلير انسانن ۾ شهيد هوش محمد شيدي به هڪ آهي. جنهن انگريزن جي خلاف بهادريءَ سان وڙهندي سِرُ ڏنو.
شهيد هوش محمد قمبراڻي پنهنجي پيءُ وانگر، سنڌ جي ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان جي حويليءَ جو ملازم هو. هوش محمد 1801ع ڌاري پيدا ٿيو. مير فتح علي خان جو پٽ مير صوبيدار سندس دوست هو. هوشو هن جو هر وقت ساٿ ڏيندو هو، پر جڏهن انگريزن مير صوبدار سان ملي سنڌ تي حملي لاءِ سوچيو ته هوشوءَ کي اها ڳالهه نه وڻي. هن مير صوبدار کي گهڻو سمجهايو ته انگريز سنڌ جا دشمن آهن ۽ انهن جي سازش ۾ نه اچ، پر هو نه مڙيو.
اهڙيءَ طرح انگريزن آهستي آهستي سنڌ تي پنهنجا قدم ڄمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي ۽ 1843ع ۾ هنن سنڌ جي حڪمران ٽالپرن کي دڙڪا ڏئي ٺاهه لاءِ راضي ڪيو. اڃا ٺاهه جون ڳالهيون مس شروع ٿيون ته 11 جنوري 1843ع تي انگريزن حملو ڪري خيرپور جي ميرن جو ”امام ڳڙهه“ وارو قلعو فتح ڪري ورتو.
17 فيبروري 1843ع تي مياڻي جي جنگ لڳي ته انگريزن مير صوبدارخان جي ذريعي حيدرآباد جي ميرن کي پيش پوڻ لاءِ پيشڪش ڪئي. هوشو ان وقت به مير صوبدار خان جي سخت مخالفت ڪندي کيس چيو ته ”ميرصاحب پنهنجن کي مارائي، سرداري بچائڻ ديس سان دشمني آهي. عوام جو ساٿ ڏي ۽ سورمن وانگر وڙهه!“ ان تي مير صوبدار مٿس ڪاوڙ ڏيکاري ۽ کيس چيو ته ”منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ.“
انگريز هڪ هڪ مير کي پڪڙي سندن ملڪيتن تي قبضا ڪندا ويا ۽ نيٺ 21 فيبروري 1843ع تي انگريزن جي فوج حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿي، ميرن جي خزاني تي قبضو ڪيو ۽ مير محمود ۽ مير صوبدار خان کي پڻ زبردستي قلعي مان ڪڍي قيدي بنايو.
هوش محمد شيدي ”دُٻي واري جنگ“ ۾ هڪ سئو ساٿين سان پوين پساهن تائين وڙهندو رهيو ۽ تاريخي نعرو هنيو ته ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“. هوشوءَ جي بهادريءَ ۽ سورهيائيءَ کي انگريز فاتحن به ساراهيو آهي.
23 مارچ 1843ع سنڌ جي سورمي جنرل هوشو شيديءَ جي شهادت جو ڏينهن آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو.

مومل راڻي جي ڪهاڻي

سنڌ جي ماٿيلي واري ڀاڱي تي، گجر ذات جو راجا نند حڪومت ڪندو هو. کيس دولت گڏ ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هڪ ڀيري ڪنهن جانور جو شڪار ڪري، ان جو ڏند هٿ ڪيائين ۽ ان جي مدد سان پنهنجو سمورو خزانو درياءَ جي تري ۾ لڪائي ڇڏيائين. راجا نند کي نَوَ نياڻيون هيون، انهن ۾ سومل سڀني کان عقلمند هئي ۽ ننڍي مومل سڀني کان سهڻي هئي. راجا پنهنجي ننڍي ڌيءَ مومل کي گهڻو ڀائيندو هو، ان ڪري اهو جادوئي ڏند کيس سنڀالي رکڻ لاءِ ڏنائين، پر ڏند جي اصلي راز جو نه ٻُڌايائين. هڪ جادوگر کي ڪنهن طرح راجا جي لڪل خزاني جي خبر پئجي ويئي، سو هڪ ڏينهن جڏهن راجا شڪار تي ويل هو، ته مومل سان ٺڳي ڪري اهو ڏند وٺي، سمورو خزانو ڪڍي غائب ٿي ويو. راجا کي جڏهن اها خبر پئي ته مومل تي ڏاڍو ڪاوڙيو، پر سندس وڏي ڌيءُ سومل کيس خاطري ڪرائي ته ايترو خزانو آءٌ اوهان کي گڏ ڪري ڏينديس.
سومل پنهنجي پيءُ کان موڪل وٺي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي هڪ ماڙي اڏائي، پنهنجين ڀينرن ۽ نوڪرياڻين سان گڏ وڃي اتي رهڻ لڳي. هن پڙهو ڏيارايو ته جيڪو شهزادو باغ لنگهي مومل وٽ سلامتيءَ سان پهچندو، اهو ساڻس شادي ڪندو، ٻي حالت ۾ کيس پنهجي مال ۽ سامان تان هٿ کڻڻو پوندو.
مومل جي سونهن جي هاڪ ٻُڌي، ڪيترائي شهزادا آيا، پر پنهنجو ڌن دولت ڦرائي ويا. ان وقت عمرڪوٽ جو بادشاهه همير سومرو هو. هو ۽ سندس ٽي دوست ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ڪاڪ پهتا ۽ ماڙيءَ جي ٻاهران رکيل ڀير تي ڏونڪو هنيائون، هنن جي هڪ سيکاريل نوڪرياڻي ناتر ٻاهر آئي ۽ سندن اچڻ جو وڃي کين اطلاع ڏنائين.
ٿوري دير کانپوءِ ناتر کاڌو کڻائي اچي سندن اڳيان رکيو، جيڪو کائڻ کان راڻي مينڌري سڀني کي منع ڪئي. هن ان مان ذرو کڻي ڪُتي کي ڏنو، جيڪو کائڻ کان پوءِ مري ويو. ناتر پوءِ ٻيون به اٽڪلون ڪيون، پر ڪامياب نه ٿي سگهي. پوءِ سڀني کي هڪ هڪ ڪري وٺي وئي ۽ واٽ تي گوهي ڏيئي نڪري ويئي. آخر ۾ راڻو ويو. هن ان سان به ائين ڪيو، پر هن کيس وارن کان جهلي ورتو. اڳيان هلي هڪ تلاءَ تي پهتا ته ناتر ڪنهن نموني گوهي ڏيئي هلي ويئي، پوءِ راڻو اڪيلو ٿي ويو. هن پاڻيءَ جي اونهائي ڏسڻ لاءِ ان ۾ هڪ سوپاري اڇلائي ته اها آواز ڪندي پري وڃي پيئي. راڻي سمجهي ورتو ته اهو تلاءُ هڪ ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي. پوءِ گهوڙي کي ڊوڙائي وڃي مومل جي ماڙيءَ تي پهتو، جتي ناتر اڳ ئي بيٺل هئي. پوءِ هوءَ کيس ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي هڪ جهڙيون ست کٽون هڪ جهڙن هنڌن سان پيل هيون. راڻي کٽن کي آزمائڻ لاءِ لڪڻ سان زور ڏنو ته ڇهن کٽن جا هنڌ وڃي هيٺ کوهن ۾ ڪريا، پوءِ راڻو ستين کٽ تي چڙهي ويٺو، جڏهن اها اٽڪل به ڪامياب نه ٿي ته ناتر کيس هڪ ٻئي ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي هڪجهڙين سهڻين صورتن واريون ست عورتون بيٺيون هيون. سندن هٿن ۾ گلن جا هار هئا. ناتر کيس چيو ته هنن ۾ مومل به بيٺل آهي، پر تون جنهن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهندين، ان سان تنهنجي شادي ڪرائي ويندي.
راڻو پهرين ته منجهي پيو، پر پوءِ ڏٺائين ته هڪ عورت جي وارن مٿان ڀؤنر پيو ڀري. سمجهي ويوته اهائي مومل آهي، ان ڪري اڳتي وڌي وڃي کيس هٿ کان جهليائين.
راڻي جا ٽيئي دوست ڪاوڙجي پنهجي ملڪ روانا ٿي ويا. ٿورن ڏينهن کان پوءِ همير سومري ڪنهن بهاني سان راڻي کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ته جيئن هو مومل سان ملي نه سگهي، پر راڻي کان رهيونه ٿيو ۽ هو روز رات جو تکي اُٺ تي چڙهي ڪاڪ ويندو هو ۽ مومل سان ملي جلد واپس ايندو هو. هڪ ڀيري راڻي کي مومل سان ملڻ ۾ گهڻا ڏينهن ٿي ويا ته مومل اُداس ٿي ويئي ۽ پنهنجي وڏي ڀيڻ سومل کي راڻي جو لباس پارائي، پاڻ سان گڏ سمهاريندي هئي. هڪ رات راڻو جيئن ماڙيءَ تي پهتو ته اوندهه ۾ سومل کي ڌاريو مرد سمجهي، ڪاوڙجي واپس عمرڪوٽ هليو ويو ۽ اتي نشاني طور پنهنجو لڪڻ ڇڏي ويو.
صبح جو مومل ننڊ مان اُٿي ته لڪڻ ڏسي سمجهي ويئي ته راڻو ڪاوڙجي ويو آهي، پوءِ ته کيس ڪيترائي نياپا موڪليائين، پر هو نه آيو. نيٺ مومل مايوس ٿي باهه جو مچ تيار ڪرائي، پاڻ کي ان ۾ اڇلي ڇڏيو. اها جڏهن راڻي کي خبر پئي ته هو به ڊوڙندو وڃي اُتي پهتو ۽ ان مچ ۾ ٽپي مومل سان ملي رک ٿي ويو.

ٻڌيءَ ۾ برڪت

هڪڙو غريب شخص روزگار لاءِ پنهنجا ٻار ٻچا وٺي پرديس ڏانهن پئي ويو. هلندي هلندي واٽ تي کين رات اچي پيئي، سو هڪڙي وڻ هيٺان ويٺا، اتي غريب شخص پنهنجي پٽ کي چيو ته ”ابا تون ڪاٺيون ڪري اچ“، ڌيءَ کي چيائين ته ”امان تون پاڻي ڀري اچ“ ۽ زال کي چيائين ته ”تون ماني پچائڻ لاءِ اٽو ڳوهه“. حڪم ملڻ شرط سڀڪو پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو، باقي پاڻ ويهي نوڙي وٽڻ لڳو.
ان وڻ تي هڪ پکي ويٺو هو، جنهن سڄو لقاءُ ويٺي ڏٺو. تنهن غريب شخص کان پڇيو ته ”تون نوڙي ڇو پيو وٽين؟ غريب شخص جواب ڏنس ته ”هن نوڙيءَ سان توکي ڦاسائيندس ۽ توکي ڪهي گوشت رڌي کائينداسين.“ پکيءَ غريب شخص ۽ سندس ڀاتين جي ٻڌي ڏٺي هئي. سو پڪ ٿيس ته هو مون کي پڪڙي وٺندا هاڻي ڪيئن انهن کان جند ڇڏايان! اهو سوچي غريب شخص کي چيائين ته ”آءٌ توکي خزاني جي جاءِ ڏسيان ٿو، اتان خزانو ڪڍي پنهنجو گذران ڪر، پر مون کي معافي ڏي“ غريب اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پکيءَ کيس خزاني جو ڏس ڏنو. هو خزانو ڪڍي پنهنجي ٻارن ٻچن سميت واپس گهر آيو ۽ خوش گذارڻ لڳو.
انهيءَ غريب شخص جي ڀاءُ جڏهن پنهنجي ڀاءُ وٽ اوچتو ايتري دولت ڏٺي ته حيران ٿي ويو ۽ ڀاءُ کان ان جو سبب پڇيائين، جنهن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس، پوءِ اهو به پنهنجي ٻارن کي وٺي اچي ان وڻ هيٺيان ويٺو، ۽ پنهنجي ڀاتين کي سڏي ڌار ڌار ڪم ڏسيائين، پر انهن چيو ته اسان کان اهو ڪم ڪو نه ٿيندو. جڏهن سڀني انڪار ڪيو ته پاڻ ويهي نوڙي وٽڻ لڳو. اهو ڏسي ساڳئي پکيءَ پڇيس ته ”ميان! نوڙي ڇا جي لاءِ پيو وٽين؟“ تنهن تي غريب شخص جي ڀاءُ چيس ته ”هن سان توکي ٻڌندس.“ پکيءَ چيس ته ”تون پهرين پنهنجي گهر کي ته ٻڌ.“ ائين چئي پکي اڏامي ويو ۽ هو جهڙو ويو، تهڙو هٿين خالي موٽي آيو.