سنڌ جي ماٿيلي واري ڀاڱي تي، گجر ذات جو راجا نند حڪومت ڪندو هو. کيس دولت گڏ ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هڪ ڀيري ڪنهن جانور جو شڪار ڪري، ان جو ڏند هٿ ڪيائين ۽ ان جي مدد سان پنهنجو سمورو خزانو درياءَ جي تري ۾ لڪائي ڇڏيائين. راجا نند کي نَوَ نياڻيون هيون، انهن ۾ سومل سڀني کان عقلمند هئي ۽ ننڍي مومل سڀني کان سهڻي هئي. راجا پنهنجي ننڍي ڌيءَ مومل کي گهڻو ڀائيندو هو، ان ڪري اهو جادوئي ڏند کيس سنڀالي رکڻ لاءِ ڏنائين، پر ڏند جي اصلي راز جو نه ٻُڌايائين. هڪ جادوگر کي ڪنهن طرح راجا جي لڪل خزاني جي خبر پئجي ويئي، سو هڪ ڏينهن جڏهن راجا شڪار تي ويل هو، ته مومل سان ٺڳي ڪري اهو ڏند وٺي، سمورو خزانو ڪڍي غائب ٿي ويو. راجا کي جڏهن اها خبر پئي ته مومل تي ڏاڍو ڪاوڙيو، پر سندس وڏي ڌيءُ سومل کيس خاطري ڪرائي ته ايترو خزانو آءٌ اوهان کي گڏ ڪري ڏينديس.
سومل پنهنجي پيءُ کان موڪل وٺي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي هڪ ماڙي اڏائي، پنهنجين ڀينرن ۽ نوڪرياڻين سان گڏ وڃي اتي رهڻ لڳي. هن پڙهو ڏيارايو ته جيڪو شهزادو باغ لنگهي مومل وٽ سلامتيءَ سان پهچندو، اهو ساڻس شادي ڪندو، ٻي حالت ۾ کيس پنهجي مال ۽ سامان تان هٿ کڻڻو پوندو.
مومل جي سونهن جي هاڪ ٻُڌي، ڪيترائي شهزادا آيا، پر پنهنجو ڌن دولت ڦرائي ويا. ان وقت عمرڪوٽ جو بادشاهه همير سومرو هو. هو ۽ سندس ٽي دوست ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ڪاڪ پهتا ۽ ماڙيءَ جي ٻاهران رکيل ڀير تي ڏونڪو هنيائون، هنن جي هڪ سيکاريل نوڪرياڻي ناتر ٻاهر آئي ۽ سندن اچڻ جو وڃي کين اطلاع ڏنائين.
ٿوري دير کانپوءِ ناتر کاڌو کڻائي اچي سندن اڳيان رکيو، جيڪو کائڻ کان راڻي مينڌري سڀني کي منع ڪئي. هن ان مان ذرو کڻي ڪُتي کي ڏنو، جيڪو کائڻ کان پوءِ مري ويو. ناتر پوءِ ٻيون به اٽڪلون ڪيون، پر ڪامياب نه ٿي سگهي. پوءِ سڀني کي هڪ هڪ ڪري وٺي وئي ۽ واٽ تي گوهي ڏيئي نڪري ويئي. آخر ۾ راڻو ويو. هن ان سان به ائين ڪيو، پر هن کيس وارن کان جهلي ورتو. اڳيان هلي هڪ تلاءَ تي پهتا ته ناتر ڪنهن نموني گوهي ڏيئي هلي ويئي، پوءِ راڻو اڪيلو ٿي ويو. هن پاڻيءَ جي اونهائي ڏسڻ لاءِ ان ۾ هڪ سوپاري اڇلائي ته اها آواز ڪندي پري وڃي پيئي. راڻي سمجهي ورتو ته اهو تلاءُ هڪ ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي. پوءِ گهوڙي کي ڊوڙائي وڃي مومل جي ماڙيءَ تي پهتو، جتي ناتر اڳ ئي بيٺل هئي. پوءِ هوءَ کيس ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي هڪ جهڙيون ست کٽون هڪ جهڙن هنڌن سان پيل هيون. راڻي کٽن کي آزمائڻ لاءِ لڪڻ سان زور ڏنو ته ڇهن کٽن جا هنڌ وڃي هيٺ کوهن ۾ ڪريا، پوءِ راڻو ستين کٽ تي چڙهي ويٺو، جڏهن اها اٽڪل به ڪامياب نه ٿي ته ناتر کيس هڪ ٻئي ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي هڪجهڙين سهڻين صورتن واريون ست عورتون بيٺيون هيون. سندن هٿن ۾ گلن جا هار هئا. ناتر کيس چيو ته هنن ۾ مومل به بيٺل آهي، پر تون جنهن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهندين، ان سان تنهنجي شادي ڪرائي ويندي.
راڻو پهرين ته منجهي پيو، پر پوءِ ڏٺائين ته هڪ عورت جي وارن مٿان ڀؤنر پيو ڀري. سمجهي ويوته اهائي مومل آهي، ان ڪري اڳتي وڌي وڃي کيس هٿ کان جهليائين.
راڻي جا ٽيئي دوست ڪاوڙجي پنهجي ملڪ روانا ٿي ويا. ٿورن ڏينهن کان پوءِ همير سومري ڪنهن بهاني سان راڻي کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ته جيئن هو مومل سان ملي نه سگهي، پر راڻي کان رهيونه ٿيو ۽ هو روز رات جو تکي اُٺ تي چڙهي ڪاڪ ويندو هو ۽ مومل سان ملي جلد واپس ايندو هو. هڪ ڀيري راڻي کي مومل سان ملڻ ۾ گهڻا ڏينهن ٿي ويا ته مومل اُداس ٿي ويئي ۽ پنهنجي وڏي ڀيڻ سومل کي راڻي جو لباس پارائي، پاڻ سان گڏ سمهاريندي هئي. هڪ رات راڻو جيئن ماڙيءَ تي پهتو ته اوندهه ۾ سومل کي ڌاريو مرد سمجهي، ڪاوڙجي واپس عمرڪوٽ هليو ويو ۽ اتي نشاني طور پنهنجو لڪڻ ڇڏي ويو.
صبح جو مومل ننڊ مان اُٿي ته لڪڻ ڏسي سمجهي ويئي ته راڻو ڪاوڙجي ويو آهي، پوءِ ته کيس ڪيترائي نياپا موڪليائين، پر هو نه آيو. نيٺ مومل مايوس ٿي باهه جو مچ تيار ڪرائي، پاڻ کي ان ۾ اڇلي ڇڏيو. اها جڏهن راڻي کي خبر پئي ته هو به ڊوڙندو وڃي اُتي پهتو ۽ ان مچ ۾ ٽپي مومل سان ملي رک ٿي ويو.