Poetry

لاٽونئڙو ڦيرايون

آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون
دَوسِتَ گهَڙِي کَنُ دِلِ وِندِرايُون
دَوسِتَ گهَڙِي کَنُ دِلِ وِندِرايُون

لاٽُونئَڙو ڦيرايُون، لاٽُونئڙَو ڦيرايُون

آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون
دَوسِتَ گهَڙِي کَنُ دِلِ وِندِرايُون

مُنهِنجو لاٽُون سُهِڻو سُهِڻو
رَنگا رَنگِي ۽ مَنَ مُهِڻو
ڪارِيگَر ڪِيئَن آهي ٺاهِيو
واهَه جو رَنگَ سان رَنگُ مِلايو
آءُ تَه هِنَ سان رُوحُ رِيجَھايُون
آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون
آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون

لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون، لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون

آيُس پَٽَ جِي ڏَورِ وٽائي
ڳاڙِها ڦندڻَ اُنَ ۾ لائي
ويڙِهي زَورَ سان پَٽَ تي هَڻَندُسِ
نِوِڙِي جهَٽِ پَٽِ هَٿَ تي کَڻَندُسِ
ڪَڍَندو هَٿَ تي هُو ڪِتِڪايُون
آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون
آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون

لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون، لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون

هَٿَ تي کَڻَندُسِ هيٺِ نَه لَهَندو
ڦِرَندو ڦِرَندو ساندَهِه رَهَندو
ٿَڪِجِي پَونَدو، گوهِيُون هَڻَندو
پوءِ گھَڙِي کَنُ ساهُه بِه کَڻندو
بِيهَڻَ جُون وارِيندو وايُون

آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون
آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون

لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون، لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون

تُون بِه کَڻِي اَچُ لاٽُون ڏَورِ
پَوءِ پُڄايُون ڪَنهِن جو زَورُ
لاٽُون آهي سُهِڻو مُنهِجو
ناهي هِنَ کان بَهِتَرِ تُنهِنجو
ڇونَه ڀَلا پوءِ شَرِطَ پُڄايُون

آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون
آءُ تَه لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون

لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون، لاٽُونئَڙو ڦيرَايُون

ڳايون چئن مندن جو راڳ

ٻارَو اَچِي مِڙو هِڪَ ماڳِ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ

ٻارَو اَچِي مِڙو هِڪَ ماڳِ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ

هِڪِڙِي تَِنِ مان آهي بَهار
هِي مُندَ آهي واهَه جا ٻار
وَڻَ ٽَڻَ ڏِسِجَنِ ٿا سَڀُ سُهِڻا
باغَ لَڳَنِ ٿا مَنَ کي مُهِڻا
گُلَ ڦُلَ باغَنِ مَنجِهه ٽِڙَنِ
پَکِي بِه مِٺِڙِيُون ٻَولِيُون ڪَنِ

ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ

وَڃي بَهارُ تَه اَچي اُونِهارو
دَورُ اُنَ جو آهي نِيارو
گَرِمِيُون اُنَ ۾ ٿِيَنِ مُدامُ
پاڻِي پِڻ چَڙِهَنِ ٿا جامَ
اُنَ ۾ پَئي ٿِي پِڻِ بَرساتِ
پَوک جِي سَڀِنِ کي وائِي واتِ

ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ

پوءِ سَرءُ ٿِي اَچي وَرِي
هَوا لَڳي ٿِي گهِم ڀَرِي
هِنَ رُتِ ۾ ٿا پاڻِي ڇِڄَنِ
پَنَ وَڻَنِ مان ڇَڻِيو پَوَنِ
دِلِ کي وَڻَندَڙَ ناهي هَوا
ٿِئي تَپتُ ٿِي جاءِ بَجاءِ

ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ

ٿِيو سَرَءُ جو پُورو وارو
آيو تَنهِن تان وَرِي سِيارو
سِيءُ پَوَڻَ سان ڪَري پُڄاڻِي
وَڃي ٿو گهَٽِجِي هَرِ هَنڌِ پاڻِي
چَئِنِ مُندُن ۾ پُورو سالُ
وَرِي ٿِئي ٿو ساڳِيو حالُ

ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ

ٻارَو اَچِي مِڙو هِڪَ ماڳِ
ٻارَو اَچِي مِڙو هِڪَ ماڳِ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ