Letter and Application Writing

سند

سند يا تصديق نامو

تصديق ڪجي ٿي ته محترم بشير احمد، ڪلرڪ، جي حيثيت سان گذريل چئن سالن کان اسان جي اداري ۾ ملازم ۾ رهيو آهي، ان عرصي ۾ هن پنهنجا فرائض اطيمنان بخش طريقي سان سرانجام ڏنا آهن، هو هوشيار ۽ محنتي نوجوان آهي ۽ سٺي چال چلت جو مالڪ آهي.

صحيح
مئنيجنگ ڊائريڪٽر
ٽينڊر ٽيڪسٽائيل ملز ڪراچي

رسيد

رسيد

مون هيٺ صحيح ڪندڙ کي چانورن جي وڪري مان باقي رهيل 366 روپيا (اکرين ٽي سو ڇاهٺ روپيا) اڄ 9 جنوري 2013ع تي برابر مليا. جيڪي ٽيڪم داس، ويٺل ڌڱاڻو بوزدار ڏنا.

صحيح
اشفاق احمد

درخواست - 3

محترم انچارج
فاريسٽ نرسري-قاسم آباد-حيدرآباد

موضوع: ٻوٽا خريد ڪرڻ بابت

جيئن ته اسان جو غير سرڪاري ادارو ”ماحولياتي تحفظ ۽ صحت“ حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ وڻ ڪاري مهم شروع ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ اسان کي 5000 ٻٻر ۽ 5000 بيد مشڪ جا ٻوٽا گهربل آهن، مهرباني ڪري هيٺ ڏنل ايڊريس تي موڪلي ڏيو، رقم جو چيڪ هن خط سان گڏ اٽيچ ٿيل آهي.

ايڊريس: ادارو ماحولياتي تحفظ ۽ صحت، بي 8، قاسم آباد حيدرآباد

مهرباني
شوڪت احمد سليماني
ڊائريڪٽر ”ماحولياتي تحفظ ۽ صحت“