قدرت پاڪستان کي نه رڳو قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي پر معدني پيداوار سان به نوازيو آهي. هتي جا ماڻهو هٿ جي هنر ۾ ملڪان ملڪ مشهور آهن، هو مٽيءَ، ڪاٺ ۽ ڪچي مال مان پنهنجي هٿن سان سهڻيون ۽ سٺيون شيون تيار ڪري ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا. اسين هٿ هلائي ڪا شي ٺاهيون ته ان کي ”هٿ جو هنر“ چيو ويندو آهي.
ماضيءَ جي تاريخ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته هن ملڪ جي هر صوبي ۾ ڪي نه ڪي پراڻي تهذيب جا آثار آهن، انهن آثارن مان جيڪي شيون حاصل ٿيون آهن، تن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن ملڪ جا ماڻهو قديم زماني کان هٿ جي هنر ۾ ماهر هئا. جڏهن انگريز هن ملڪ تي قابض ٿيا تڏهن انهن هتي هنر جي سرپرستي بنهه ڪانه ڪئي، پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ حڪومت هٿ جي هنر کي نئين سر ترقي وٺائي، گهر جي هنر جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هڪ سرڪاري ادارو ”سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن“ نالي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ملڪ جي هر هنر کي وڏي هٿي ملي آهي، ڪيترائي هٿ جا هنر جيڪي ماڻهو وساري ويٺا هئا، تن کي وري همٿايو ويو آهي. ان کان سواءِ نوان هنر پڻ متعارف ڪرايا ويا آهن، جن ۾ اکڙوٽ ۽ شيشم جي ڪاٺ تي اڪر جو ڪم، بهڻ جي ڪاٺ تي جنڊيءَ جو ڪم، مٽيءَ ۽ چينيءَ جا ٿانوَ، ڪاشيءَ جا ٿانوَ، ڀرت جا نمونا، ڇُر جو ڪم، سوسيون، لونگيون، کيس، کٿا ۽ شالون، رليون، ڀرت ڀريل ٽوپيون، جتيون ۽ ٻيو اهڙو نفيس ۽ سهڻو سامان اچي وڃي ٿو.
حيدرآباد شهر ۾ ريشمي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم، شيشي جو سامان، چوڙيون، چمڙي تي زريءَ جو ڪم عام جام ٿيندو آهي، هالا شهر ۾ تيار ٿيل شين مان مختلف نمونن جون ڪاشيءَ جون سرون، ٿانوَن جا سيٽ، ڪونڊيون، مرتبان، گلدان، ڪوزا ۽ صراحيون گهڻو مشهور آهن.
سنڌ جو ٻيو بهترين هنر جنڊيءَ جو ڪم آهي، جنڊيءَ جي ڪم ۾ کٽون، پلنگ، منجيون، پينگھا، سينگاردانيون، ڪرسيون ٽپايون، دٻلا، اڳٺ، اڳٺ وجھڻيون، رانديڪا وغيره آهن. اهي هنر کاڻوٺ، لقمان ۽ ڪشمور ۾ پڻ مشهور آهن.
هٿ جي آڏاڻن تي به اسان وٽ گهڻو ڪم ٿئي ٿو، ٺٽي جون لونگيون قديم زماني کان مشهور آهن، ان کان سواءِ ريشمي سوسيون، گربيون، کيس، کٿا ۽ اڻاوت جو ٻيو ڪم به سنڌ ۾ تمام سٺو ٿئي ٿو. ٿر ۾ ٺهيل هنا، پاکڙا، خرزينون، مصلا، ٿيلهيون ۽ جتيون به مشهور آهن، اتي فراسيون، خرزينون، تل ۽ ٿڙا پڻ ٺهن ٿا. اهي سڀ شيون سستيون ۽ سولائيءَ سان ملي سگهن ٿيون، ملتان ۽ گجرات ۽ جوهي شهرن جا ٺڪر جا ٿانوَ کيس ۽ اٺ جي چمڙيءَ جا لئمپ شيڊ مشهور آهن، چنيوٽ ۽ ڊيرو غازي خان وري ڪاٺ تي نقاشيءَ ۽ لاهور گجرانوالا ۽ وزير آباد پتل ۽ ٽامي جي ٿانوَن، فانوسن ۽ گھگھين کان مشهور آهن، ڪشمير ۽ سوات جون شالون ۽ پشاور جا زريءَ سان ڀريل سينڊل، ڪوٽ ۽ پوستينيون، اهي سڀ هٿ جي هنر جا لاجواب نمونا آهن