هڪڙو غريب شخص روزگار لاءِ پنهنجا ٻار ٻچا وٺي پرديس ڏانهن پئي ويو. هلندي هلندي واٽ تي کين رات اچي پيئي، سو هڪڙي وڻ هيٺان ويٺا، اتي غريب شخص پنهنجي پٽ کي چيو ته ”ابا تون ڪاٺيون ڪري اچ“، ڌيءَ کي چيائين ته ”امان تون پاڻي ڀري اچ“ ۽ زال کي چيائين ته ”تون ماني پچائڻ لاءِ اٽو ڳوهه“. حڪم ملڻ شرط سڀڪو پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو، باقي پاڻ ويهي نوڙي وٽڻ لڳو.
ان وڻ تي هڪ پکي ويٺو هو، جنهن سڄو لقاءُ ويٺي ڏٺو. تنهن غريب شخص کان پڇيو ته ”تون نوڙي ڇو پيو وٽين؟ غريب شخص جواب ڏنس ته ”هن نوڙيءَ سان توکي ڦاسائيندس ۽ توکي ڪهي گوشت رڌي کائينداسين.“ پکيءَ غريب شخص ۽ سندس ڀاتين جي ٻڌي ڏٺي هئي. سو پڪ ٿيس ته هو مون کي پڪڙي وٺندا هاڻي ڪيئن انهن کان جند ڇڏايان! اهو سوچي غريب شخص کي چيائين ته ”آءٌ توکي خزاني جي جاءِ ڏسيان ٿو، اتان خزانو ڪڍي پنهنجو گذران ڪر، پر مون کي معافي ڏي“ غريب اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پکيءَ کيس خزاني جو ڏس ڏنو. هو خزانو ڪڍي پنهنجي ٻارن ٻچن سميت واپس گهر آيو ۽ خوش گذارڻ لڳو.
انهيءَ غريب شخص جي ڀاءُ جڏهن پنهنجي ڀاءُ وٽ اوچتو ايتري دولت ڏٺي ته حيران ٿي ويو ۽ ڀاءُ کان ان جو سبب پڇيائين، جنهن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس، پوءِ اهو به پنهنجي ٻارن کي وٺي اچي ان وڻ هيٺيان ويٺو، ۽ پنهنجي ڀاتين کي سڏي ڌار ڌار ڪم ڏسيائين، پر انهن چيو ته اسان کان اهو ڪم ڪو نه ٿيندو. جڏهن سڀني انڪار ڪيو ته پاڻ ويهي نوڙي وٽڻ لڳو. اهو ڏسي ساڳئي پکيءَ پڇيس ته ”ميان! نوڙي ڇا جي لاءِ پيو وٽين؟“ تنهن تي غريب شخص جي ڀاءُ چيس ته ”هن سان توکي ٻڌندس.“ پکيءَ چيس ته ”تون پهرين پنهنجي گهر کي ته ٻڌ.“ ائين چئي پکي اڏامي ويو ۽ هو جهڙو ويو، تهڙو هٿين خالي موٽي آيو.