انسان کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات بڻائي هن دنيا ۾ موڪليو آهي. هن دنيا ۾ انسان اهڙيءَ طرح زندگي گذاري، جو هو صحيح معنيٰ ۾ سڀني کان وڌيڪ مانائتو سڏائڻ جو حقدار ٿئي. الله تعاليٰ انسان جي هدايت لاءِ سوا لک پيغمبر موڪليا، جن انسان کي حق ۽ سچ جو رستو ڏيکاريو. الله تعاليٰ انسان ذات جي رهنمائيءَ لاءِ آسماني ڪتاب نازل ڪيا، جن ۾ زندگي گذارڻ جو طريقو به ٻڌايل آهي ته هن دنيا ۾ پيش ايندڙ مڙني مسئلن جو حل به سمايل آهي.
انسانيت جو سڀ کان پهريون ۽ اهم گڻ اهو آهي ته انسان پنهنجي خالق ۽ مالڪ کي سڃاڻي، ان جي وڏائي ۽ هيڪڙائي کي تسليم ڪري ۽ سندس بندگيءَ جو حق ادا ڪري. سڀ کان وڌيڪ الله تعاليٰ سان محبت ڪري. الله جو پيارو رسول صلي الله عليھ وسلم به انسان ذات جو عظيم محسن ۽ اسان سان سچو پيار ڪندڙ آهي. تنهن ڪري اسان تي لازم آهي ته پنهنجي پياري رسول سان گهڻي محبت ڪريون. سندن ادب، احترام ۽ حڪمن جي پيروي ڪريون. اسان کي گهرجي ته اسين سڀني انسانن جا گهڻگهرا ۽ خيرخواهه ٿي رهون، ڪنهن به انسان لاءِ پنهنجي دل ۾ ڪينو، ڪلفت، وير وروڌ ۽ ساڙ ۽ حسد نه رکون. جيڪي اسان جا مخالف هجن، تن سان به اسان کي خيرخواهي ۽ ڀلائي ڪرڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته ماءُ پيءُ جو چيو مڃون. انهن جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪريون ۽ ڪنهن به حالت ۾ سندن دل نه رنجايون. اهڙيءَ طرح پاڙيسري ۽ مٽن مائٽن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ به انسانيت جي وڻندڙ وصف آهي. وڏن جو احترام هڪ جيڏن سان پيار ۽ لحاظ، ننڍن تي شفقت ۽ مهرباني به اعليٰ انساني گڻ آهن.
انسانيت اسان کي سيکاري ٿي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان کي ڏک يا تڪليف پهچائي ته اسين ان کي معاف ڪري ڇڏيون. کانئس بدلو نه وٺون. اڃا به ٿي سگهي ته برائيءَ جي جواب ۾ ساڻس ڀلائي ڪريون ته ان جي نتيجي ۾ الله تعاليٰ اسان جي بهتري ڪندو ۽ ڪاميابيءَ سان نوازيندو.
دنيا ۾ ڪنهن به انسان کي ڪو ڏک پهچي ته اسين ان کي پنهنجو ڏک سمجهون ۽ ڪوشش ڪري ڏکايل انسان جو ڏک ڏور ڪريون. مسڪينن جي مدد ڪرڻ، بکئي کي کارائڻ، بيمار کي پڇڻ، ضرورتمند جي گهرج پوري ڪرڻ، معذور، بيواهه ۽ يتيم جي واهر ڪرڻ، مسافر ۽ پرديسيءَ جي پرگهور لهڻ. اهي سڀ انسانيت جا گُڻ آهن.
قرآن شريف ۾ آهي ته الله جا نيڪ ٻانها زمين تي عاجزيءَ ۽ نوڙت سان هلندا آهن. ان ڪري انسانيت جو اعليٰ سبق اهو پڻ آهي ته اسين هر قسم جي تڪبر کان بچون. پاڻ کي ٻين کا ڀلو نه سمجهون، پر پاڻ کي سڀني کان گهٽ، عاجز ۽ اڀرو انسان سمجهون. نيازمنديءَ ۽ نوڙت کي پنهنجي سيرت جو حصو بنايو. ان ۾ اسان جي عزت ۽ عظمت آهي.