سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي دلير ۽ بهادر انسانن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي هن سرزمين جي آزاديءَ ۽ سلامتيءَ لاءِ جان قربان ڪري تاريخ ۾ هميشه لاءِ زنده ٿي ويا آهن. اهڙن محب وطن ۽ دلير انسانن ۾ شهيد هوش محمد شيدي به هڪ آهي. جنهن انگريزن جي خلاف بهادريءَ سان وڙهندي سِرُ ڏنو.
شهيد هوش محمد قمبراڻي پنهنجي پيءُ وانگر، سنڌ جي ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان جي حويليءَ جو ملازم هو. هوش محمد 1801ع ڌاري پيدا ٿيو. مير فتح علي خان جو پٽ مير صوبيدار سندس دوست هو. هوشو هن جو هر وقت ساٿ ڏيندو هو، پر جڏهن انگريزن مير صوبدار سان ملي سنڌ تي حملي لاءِ سوچيو ته هوشوءَ کي اها ڳالهه نه وڻي. هن مير صوبدار کي گهڻو سمجهايو ته انگريز سنڌ جا دشمن آهن ۽ انهن جي سازش ۾ نه اچ، پر هو نه مڙيو.
اهڙيءَ طرح انگريزن آهستي آهستي سنڌ تي پنهنجا قدم ڄمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي ۽ 1843ع ۾ هنن سنڌ جي حڪمران ٽالپرن کي دڙڪا ڏئي ٺاهه لاءِ راضي ڪيو. اڃا ٺاهه جون ڳالهيون مس شروع ٿيون ته 11 جنوري 1843ع تي انگريزن حملو ڪري خيرپور جي ميرن جو ”امام ڳڙهه“ وارو قلعو فتح ڪري ورتو.
17 فيبروري 1843ع تي مياڻي جي جنگ لڳي ته انگريزن مير صوبدارخان جي ذريعي حيدرآباد جي ميرن کي پيش پوڻ لاءِ پيشڪش ڪئي. هوشو ان وقت به مير صوبدار خان جي سخت مخالفت ڪندي کيس چيو ته ”ميرصاحب پنهنجن کي مارائي، سرداري بچائڻ ديس سان دشمني آهي. عوام جو ساٿ ڏي ۽ سورمن وانگر وڙهه!“ ان تي مير صوبدار مٿس ڪاوڙ ڏيکاري ۽ کيس چيو ته ”منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ.“
انگريز هڪ هڪ مير کي پڪڙي سندن ملڪيتن تي قبضا ڪندا ويا ۽ نيٺ 21 فيبروري 1843ع تي انگريزن جي فوج حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿي، ميرن جي خزاني تي قبضو ڪيو ۽ مير محمود ۽ مير صوبدار خان کي پڻ زبردستي قلعي مان ڪڍي قيدي بنايو.
هوش محمد شيدي ”دُٻي واري جنگ“ ۾ هڪ سئو ساٿين سان پوين پساهن تائين وڙهندو رهيو ۽ تاريخي نعرو هنيو ته ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“. هوشوءَ جي بهادريءَ ۽ سورهيائيءَ کي انگريز فاتحن به ساراهيو آهي.
23 مارچ 1843ع سنڌ جي سورمي جنرل هوشو شيديءَ جي شهادت جو ڏينهن آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو.