محترم انچارج
فاريسٽ نرسري-قاسم آباد-حيدرآباد

موضوع: ٻوٽا خريد ڪرڻ بابت

جيئن ته اسان جو غير سرڪاري ادارو ”ماحولياتي تحفظ ۽ صحت“ حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ وڻ ڪاري مهم شروع ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ اسان کي 5000 ٻٻر ۽ 5000 بيد مشڪ جا ٻوٽا گهربل آهن، مهرباني ڪري هيٺ ڏنل ايڊريس تي موڪلي ڏيو، رقم جو چيڪ هن خط سان گڏ اٽيچ ٿيل آهي.

ايڊريس: ادارو ماحولياتي تحفظ ۽ صحت، بي 8، قاسم آباد حيدرآباد

مهرباني
شوڪت احمد سليماني
ڊائريڪٽر ”ماحولياتي تحفظ ۽ صحت“